ڀاڳت عالي فقير

ڀاڳت، عالي فقير: هيءُ ڪلهوڙن جي مشهور سپهه سالار فريد ڀاڳت جو ماسات هو. عالي فقير به وڏو سپهه سالار ۽ بهادر شخص هو. روايت آهي ته هڪڙي رات سيد شاهه شمس الدين (جيڪو سيد عبدالله شاهه گودڙيي جو خليفو هو.) عالي فقير کي خواب ۾ اشارو ڪيو ته منهنجي تربت جي ويجهو ڳوٺ ٻڌ عالي فقير پنهنجي مرشد ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان خواب جو بيان ڪيو. ميان صاحب اجازت ڏني ته ڀلي وڃي ڳوٺ ٻڌ. عالي فقير، ميان نصير محمد جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي. هن ڳوٺ ۾ ڀاڳت قبيلي کانپوءِ ميرواڻي چانڊيا اچي رهيا. سيد شمس الدين شاهه رحمت الله عليه جا مجاور به ميرواڻي چانڊيا ٿيا آهن، جيڪي هن وقت به هتي آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو